SLA Logo
آن لائين سنڌي لغتون

Online Sindhi Dictionaries

لفظ ٽائيپ ڪريو


حالتن جي صحي ڪٿ- صورتحال جو درست اندازو


بين الاقوامي تعلقات جي ڊڪشنريءَ مان:


حالتن جي صحي ڪٿ- صورتحال جو درست اندازو

Defination of the Situation

ڊفينيشن آف دي سچوئيشن

هي اصطلاح آمريڪي سماجي سائنسدان ”ٿامس“ جي حوالي سان 1958ع ۾ ڪتب آيو ۽ ان وقت کان سماجيات ۽ سماجي نفسياتدانن طرفان مسلسل استعمال ٿيندو رهيو آهي. هي هڪ سماجي سمجه جو هڪ قسم آهي، جنهن ذريعي فرد ۽ گروهه حالتن جي منظر نگاري پنهنجي سمجهه ۽ حالتن مطابق ڪن ٿا ۽ ان جي بنياد تي ”حقيقتن“ بابت داخلي رويو جوڙين ٿا. اهي حقيقتن کي خارجي سچائيءَ طور تسليم نٿا ڪن، جنهن جي نتيجي ۾ معتدل پاليسين جو ٺهڻ ناممڪن ٿي پوي ٿو. انهيءَ ڪري اندازن تي بيٺل پاليسيون، اڻ چٽن فيصلن کي جنم ڏين ٿيون ۽ اڻ چٽا فيصلا غلط نتيجن تائين پهچائين ٿا. ان سلسلي ۾ 1941ع ۾ ”پرل هاربر“ تي ٿيل جاپاني حملي کي مثال بڻائيندي، ڪيترا ڇيد ڪار ٻڌائين ٿا ته آمريڪي فيصلا سازن طرفان صورتحال بابت غلط اندازو لڳائڻ جي ڪري آمريڪا کي زبردست نقصان کڻڻ سان گڏ ساک کي به ٻوڙڻو پيو. ”صورتحال جو درست اندازو“ عوامي راءِ (Public Opinion) کي سمجهڻ ۽ عوامي راءِ مطابق پاليسيون جوڙڻ ۾ پڻ مددگار ثابت ٿئي ٿو. سياسي تجزيه نگارن جي خيال موجب ڪنهن به صورتحال جو درست اندازو لڳائڻ سان درست فيصلن ۽ درست نتيجن جي حاصلات ممڪن ٿئي ٿي


Remember Me Also:

تتڪال

ظرف. [سن. تَتِ = اِهو + ڪالَ = وقت = انهيءَ وقت، هينئر] جهٽ پٽ ، بنادير. [سن. تَتوَ + ڪال = هيءُ عنصري زمانو] زمان حال. زماني جي بي ثباتي. بي بقاء زمانو. زماني جي بيوفائي ”هي تِتڪالي تُومان، سامي جهاڳي سم ٿيا“ سامي.

Let's Learn Sindhi

Online Sindhi Learning

SLA has developed online Sindhi Learning portal where non Sindhi speakers can easily learn Sindhi Language, which is developed from basic level to advance. This portal is based on Dr. Fahmida Hussain’s linguistic methodology of learning.

Visit the site

Virtual Books Library

SLA has developed virtual library where bulk amount of books in Sindhi Language’s history, learning, are posted as downloadable & online readable format. This library is developed for all platforms and systems for better access.

Visit the library

Portal for Sindhi Kids

For the Sindhi kids who are studying in primary schools, SLA has presented online academic songs extracted from their text books in musical structure. The soothing portal is ideal for Sindhi primary students.

Go to portal